[Unicode]  يونيڪوڊ ڇا آهي؟ Home | Site Map | Search
 

يونيڪوڊ ڇا آهي؟

يونيڪوڊ هر اکر لاءِ هڪ منفرد عدد مختص ڪري ٿو،
قطع نظر پليٽفارم جي،
قطع نظر سٽاوَ جي،
قطع نظر ٻوليءَ جي.

بنيادي طور، ڳڻپيوڪر صرف عددن يعني انگن کي سڃاڻندا آهن. اهي حرفن ۽ ٻين سمورن اکرن، نشانين کي مختص ٿيل عددن جي صورت ۾ سانڍيندا آهن. يونيڪوڊ جي ايجاد کان اڳ، حرفن ۽ اکرن لاءِ عدد مختص ڪندڙ سوين رمزساز سرشتا Encoding Systems يعني معيار وجود رکندا هئا. ڪو بہ هڪ سرشتو اکرن جو مڪمل ميڙ سموئڻ لائق نہ هو. مثال طور، رڳو اڪيلي يورپي اتحاد کي ئي پنهنجي سمورين ٻولين جي نمائندگيءَ لاءِ ڪيترن ئي رمزساز سرشتن جي ضرورت پوندي آهي. ويندي انگريزيءَ جهڙي ڪنهن هڪ ٻوليءَ لاءِ بہ ڪو واحد رمزساز سرشتو موجود نہ هو، جيڪو عام طور استعمال ۾ ايندڙ سڀني حرفن، اکرن، ساهيات Punctuation، ۽ ٽيڪنيڪي نشانين جي نمائندگيءَ لاءِ ڪافي هجي.

مختلف رمزساز سرشتن ۾ تضاد پڻ موجود هئا. مطلب، ٻہ رمزساز سرشتا مختلف نشانين جي نمائندگيءَ لاءِ ساڳيو ئي عدد مختص ڪن ٿا يا وري ساڳي ئي اکر جي نمائندگيءَ لاءِ مخعلف عدد مختص ڪن ٿا. ڪنهن بہ هڪ ڳڻپيوڪر (خصوصاً سَوَرس) کي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي رمزساز سرشتن ساڻ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. تنهن هوندي بہ اعداد کي هڪ رمزساز سرشتي کان ٻي سرشتي يا هڪ پليٽفارم کان ٻي پليٽفارم ڏانهن منتقل ڪرڻ جي صورت ۾ هميشہ اعداد خراب ٿيڻ جو خطرو درپيش رهندو آهي.

يونيڪوڊ ان سموري صورتحال کي بدلائي پيو!

يونيڪوڊ هر اکر لاءِ هڪ منفرد عدد مختص ڪري ٿو، قطع نظر پليٽفارم جي، قطع نظر سٽاوَ جي، قطع نظر ٻوليءَ جي. ايپل، ايڇ‌پي، آءِبِي‌ايم، جَسٽ‌سسٽمس، مائڪروسافٽ، اوريڪل، سَيپ، سَن، سائبيز، يُونيسِس، ۽ ٻين ڪيترن ئي صنعتي اڳواڻن يونيڪوڊ معيار کي پنهنجايو آهي. ايڪس‌ايم‌ايل، جاوا، اِي‌سِي‌ايم‌اي‌اسڪرپٽ (جاوااسڪرپٽ)، ايل‌ڊِي‌اي‌پِي، ڪوربا 3.0، ڊبليو‌ايم‌ايل جهڙن جديد معيارن لاءِ هاڻي يونيڪوڊ گھربل آهي ۽ ISO/IEC 10646 جي اطلاق جو مستند رستو آهي. ان کي ڪيترن ئي ڪارگذار سرشتن Operating Systems، سمورن جديد جھانگُن Browsers، ۽ ٻي ڪيتري ئي منطقگريءَ جي تائيد حاصل آهي. منطقگري ٽيڪنيڀياسsoftware technology جي تازن اهم ترين عالمي رجحانن ۾ يونيڪوڊ معيار جو اُسرڻ ۽ ان جي پذيرائي ڪندڙ اوزارن جو ميسر ٿيڻ شامل آهن.

يونيڪوڊ سٿ بابت

اکرن جي روايتي سرشتن بدران يونيڪوڊ کي ڪلائنٽ- سَروَر يا گھڻ درجاتي منطقگري ۽ ويب سرزمينن جو حصو بنائيندي خاصي لاڳت بچائي سگھجي ٿي. يونيڪوڊ ڪنهن منطقگري مصنوع يا ويب سرزمين کي نئين سِر تعمير ڪرڻ کان سواءِ ئي ڪيترن ئي پليٽفارمس، ٻولين، ۽ ملڪن ۾ استعمال لائق بڻائي ٿو. ان ذريعي اعداد کي خراب ٿيڻ کان سواءِ ڪيترن ئي سرشتن منجھان پارمُڪي سگھجي ٿو.

يونيڪوڊ سٿ بنان نفي نقصان جي بنيادن تي ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم آهي، جنهن جو مقصد يونيڪوڊ معيار کي مقبول ۽ عام ڪرڻ آهي، جيڪو جديد منطقگري ۽ معيارن ۾ اکريات Text جي نمائندگيءَ جو تعين ڪري ٿو. ان سٿ جي رڪنيت ۾ ڳڻپيوڪر ۽ اطلاعت پردازڪاري Information Processing صنعت سان لاڳاپيل انيڪ ڪارپوريشنس ۽ تنظيمون شامل آهن. سٿ جي مالي ڪفالت محض رڪنيت فِي ساڻ ڪئي وڃي ٿي. يونيڪوڊ سٿ جي رڪنيت دنيا ڀر جي انهن سمورن فردن توڙي تنظيمن لاءِ کليل آهي، جيڪي يونيڪوڊ جي پٺڀرائي ڪن ٿا ۽ ان جي توسيع ۽ اطلاق ۾ معاونت ڪرڻ جا خواهشمند آهن. 

وڌيڪ معلومات لاءِ، ڏسندا، لغوي فهرست، ٽيڪنيڪي تعارف، ۽ ڪارائتا وسيلا.

سنڌيڪار: احسان احمد عرساڻي

Sindhi translation by Ahsan Ahmad Ursani